شهداد خان کوسي جو مقبرو

شهداد خان کوسي جو مقبرو

شهداد خان کوسي جو مقبرو

شهداد خان کوسي جو مقبرو: هي مقبرو تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ڇنيءَ ۾ آهي. شهداد خان کوسي جو قدآور ۽ زبون حال مقبرو، جنهن جي ديوارن ۾ هاڻي ڏار پئجي ويا آهن ۽ پلستر اکڙجي چڪو آهي. مقبري جي ديوارن تي ٿيل نقاشي به مٽجي چڪي آهي، مٿان گنبذ تان به پلستر اکڙجي پيو آهي. مقبري جو لنگهه اوڀر کان آهي، اولهه ۾ محراب اٿس. شهداد خان بابت محققن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ڇني جو اصل نالو شهدادڪوٽ هو، پر جيئن اتان جو جاگيردار خان کوسو'>شهداد خان کوسو هو، جنهن پنهنجي جاگير مان شهر کي ڌار ڪري اهو علائقو پنهنجي ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏنو. سندس مقبري وارو قبرستان اتي مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو